عبدالجبار صديقي مخدوم

عبدالجبار صديقي، مخدوم: عالم ۽ بزرگ مولانا مخدوم عبدالجبار صديقي پاٽائي، 1939ع ڌاري مخدوم ميان علي گوهر پاٽائيءَ جي گهر، پاٽ ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ 1957ع ۾ ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. تعليم جي حاصلات بعد فوج ۾ ڀرتي ٿيو، پر حلف کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين. ان وقت جنرل موسيٰ ڪمانڊر اِن چيف هو. مولانا اعتراض واريو ته آءٌ انگريزن جي نافذ ڪيل قانون ۽ پاڪستان جي موجوده آئين کي غير اسلامي سمجهان ٿو، ان ڪري حلف نه کڻندس ۽ جڏهن ملڪ جي قانون کي مڪمل اسلامي بڻايو ويندو ته ان تحت حلف کڻندس. جنهن سبب سندس اهڙي عمل تي کيس فوج جي نوڪري ڇڏڻي پئي. جنهن کانپوءِ سلسله مصطفائيه جي باني سيد صبغت الله شاهه المعروف پير ايرانيءَ جو مريد ٿيو ۽ ان جي چوڻ تي پاٽ ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيو. پير ايراني فقير جي پڙ، حيدرآباد ۾ مائي خيري جي مسجد سان گڏ رهائش پذير هو. ان مسجد ۾ روحاني محفلون ٿينديون هيون، جنهن جو روح روان ۽ خاص خليفو هن کي مقرر ڪيو ويو هو. ان سان گڏ سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ به حصو وٺندو رهيو آهي. صدر ايوب جي دور ۾ وحدت ڪالوني حيدرآباد مان بي. ڊي جو ميمبر ٿيو. ان کان پوءِ فقير جي پڙ مان ڪائونسلر پڻ چونڊيو ويو. ديني مسئلن تي پمفليٽ ڇپرائي پرچار ڪندو رهي ٿو. هن ڪيتري ئي عرصي تائين ٺٽي ضلعي جي شهر جهرڪ ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ مسجد ۽ مدرسي جو پڻ انتظام سنڀاليو. سندس ڪتابن ۾ ‘الله ماسويٰ الله ۽ انسان’، ‘قصيده برده جو سنڌي نثر ۾ ترجمو’، ‘ڪتاب الحڪمته جو سنڌي ترجمو’، ‘عوارف المعارف جو سنڌي ترجمو’ ۽ ‘مينائي مصطفائي جو سنڌي ترجمو’ شامل آهن. هن وقت هالا ناڪي، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو